سلطان جنگ

سلطان جنگ: مير يار محمد خان ٽالپر پنهنجي ڪتاب ’فريئر نامه‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سلطان جنگ جو خطاب مير مرزا فقير جو آهي.
مير مرزا فقير وڏو بهادر ۽ دلير هوندو هو، جنگين ۾ هو هميشه دشمنن جي لشڪر جي وچ ۾ گھڙي وڙهندو هو ۽ اها سندس مشهور ڳالهه آهي ته انهيءَ دليريءَ ۽ جوانمرديءَ سبب ڪلهوڙن حاڪمن کيس’سلطان جنگ‘ جو خطاب ڏنو. هي تمام گھڻو بهادر هو. ميان عبدالنبي وڏي چالاڪيءَ سان مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان سان گڏ مير مرزا فقير کي به قرآن پاڪ موڪلي، پاڻ وٽ گھرائي، قيد ڪرائي، وڏي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو